ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف احتجاج، مودي جي وري درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان حڪومت جي سڏ تي سڄي ملڪ جيان ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو ويو. ننڍن وڏن شهرن ۾ ڀارتي ظلمن خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. 72 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، ان وقت فاروق عبدالله ۽ محبوبه مفتي جي وڏن ڀارت جي حمايت ڪئي هئي. جنهن بعد دنيا ڀر ۾ ڪشميري ۽ سندس حامي 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا آهن. مودي سرڪار کي ڪشمير ۾ پابندين لڳائڻ کي آچر تي 84 ڏينهن گذري ويا پر ڪا به نرمي ناهي ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي آزادي خاطر وڻ پوکيو. عمران خان مودي سرڪار کي چيلينج ڪيو ته هو ڪشمير ۾ ريفرينڊم ڪرائي ڏسي ته کيس خبر پئجي ويندي.صدر عارف علوي ڀارتي ظلمن جي مزمت ڪندي ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اعلان ڪيو ته پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي کي سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي درخواست ٻيهر رد ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن پاران مولانا فضل الرحمان سان گڏ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي. پيپلز پارٽي جي ميان رضا رباني چيو ته ڪشمير تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين. هن چيو ته بلاول جي هدايت تي هو اپوزيشن جي ڪٺ ۾ آيو آهي ۽ جتان جتان به آزادي مارچ گذرندو پارٽي ڪارڪن سندس ڀرپور استقبال ڪندا. مسلم ليگ (ن) جو محمد زبير شريڪ ٿيو. *** سکر مان جيئرام داس مطابق پوري ملڪ جيان سکر ضلعي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتيءَ طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ڊي سي آفيس کان سکر پريس ڪلب تائين ڪشمير ريلي ڪشميري ڀائرن جو هر محاذ ۽ جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو وچن ورجايو ويو. ريليءَ جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر غلام مرتضيٰ شيخ ڪري رهيو هو، ريليءَ ۾ استادن، شاگردن، ڊويزنل ۽ ضلعي آفيسرن، ملازمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ***

نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ ڪشميرين سان يڪجھتي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ان سلسلي ۾ ڊي اي او ايجوڪيشن آفيس کان پريس ڪلب نوابشاھه تائين ضلع انتظاميه ۽ تعليم کاتي پاران ھڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقدير،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرسيڪنڊري غلام علي برهماڻي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري دين محمد پٺاڻ، انفارميشن آفيسر شيرمحمد جمالي سميت ٻين آفيسرن، اسڪولن جي شاگردن،استادن،سماجي تنظيمن جي نمائندن،سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي جنهن جي ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل ھيون. *** نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري مطابق ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن ريٽائرڊ بلال شاهد رائو جي اڳواڻي ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان هڪ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سيد علي احمد شاهه،اسسٽنٽ سوشل ويلفيئر سجاد ميمڻ، پرنسپال گورنمنٽ ڊگري ڪالج نوشهروفيروز خليفو محمد افضل ۽ ٻين کاتين جا آفيسر، شهري ۽ شاگرد وڏي انگ ۾ موجود هئا. ريلي جي پڄاڻي مهل هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ دعا پڻ گهري وئي. *** لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو مطابق ڀارتي بربريت ۽ جارحيت کي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي نيشنل پيس ڪائونسل پاڪستان لاڙڪاڻي جي چيئرمين عاشق پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ محمود پٺاڻ، ارجمند خان، ذوالفقار علي مگسي، آفتاب انصاري، جاويد عباسي، خالد عباسي، محمد علي شيخ، ڪليم الله دراني سميت سماجي اڳواڻ احمر اڪبر ڦل توڙي شهر واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوهه جيڪب آباد، خانپور، ڳڙهي ياسين، شڪارپور، ٽنڊو محمد خان، خيرپور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهري ڪري ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو