ڪرونا مثبت ڪيس جاري، جلسن ۽ جلوسن ۾ ماسڪ پائڻ جي هدايت

ڪرونا مثبت ڪيس جاري، جلسن ۽ جلوسن ۾ ماسڪ پائڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا ڪيسن جو انگ 29 ٿي ويو آهي. 3 سيڪڙو جڏهن ته هڪ وڌيڪ ماڻهو وائرس سبب مري ويو.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 80 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 661 ڄڻن ۾ ڪورونا جا مثبت ڪيس سامهون آيا آهن.اين آءِ ايڇ موجب 24 ڪلاڪن اندر ڪورونا سبب وڌيڪ 1 شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت 171 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ٻئي طرف محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پڻ محرم الحرام جي حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ئي پاڻ کي ڪورونا کان بچائڻ جو واحد طريقو آهي، ان ڪري ماسڪ پائڻ، سماجي فاصلو برقرار رکڻ ۽ ويڪسينيشن ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو