ڪرم (ويب ڊيسڪ)ڪرم ۾ مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ڊي پي او ڪرم محمد عمران موجب سدا بازار ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، هٿياربندن جي فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا،ڊي پي او ڪرم جو چوڻ هو ته دهشتگردن پارا چنار کان پشاور ويندڙ ٻن گاڏين کي نشانو بڻايو، فائرنگ ۾ هڪ ڪار ڊرائيور، 2 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ عورت مارجي وئي.محمد عمران جو چوڻ آهي ته حملي آورن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.ڪرم ضلعي ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مسافر گاڏين تي حملن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن. دهشتگرديءَ جي واقعن خلاف طوري بنگش قبيلن هنگامي جرگو طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي واقعن بابت قومي سطح تي ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو.
مشهور خبرون










