ڪراچي ۾ 25 ڊسمبر کان سردي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي ۾ 25 ڊسمبر کان سردي جي شدت ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 12 کان 14 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 28 کان 29 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگهي ٿو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جنوري جي شروعات کان قائد شهر ۾ ٿڌ جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن دوران ڪراچي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو