ڪراچي ۾ 2 هفتن اندر اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي نظر ايندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته ڪراچي ۾ 2 هفتن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي ٿي ويندي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته گهرن مان خريداري ڪرڻ وارن خاندانن سان وڌيڪ واقعا ٿيندا آهن.سنڌ جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث جوابدارن کي 5 هزار رپين جي ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو آهي.هن چيو ته اسنيچنگ ۽ ٻين ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ ڪريڪ ڊائون جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو