ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪسٽم اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ماريپور جي گودام مان 20 ڪروڙ رپين جو اليڪٽرانڪ سامان هٿ ڪري ورتو.ڪسٽم اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي ماري پور ۾ هڪ گودام تي ڇاپو هنيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪنٽينر مان وڏي انگ ۾ اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي.سمگل ٿيل سامان ۾ ليپ ٽاپ ۽ اليڪٽرانڪس به شامل آهن، ڪسٽم عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته برآمد ٿيل سمگل ٿيل سامان جي ماليت 20 ڪروڙ رپيا آهي.
