ڪراچي ۾ ڦر دوران شهرين جي مارجڻ ۾ افغاني ملوث: رند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڦر دوران شهرين جي مارجڻ ۾ گهڻي قدر افغاني ئي ملوث رهيا آهن.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند ٻڌايو ته شهر ۾ غيرقنوني طور رهندڙ افغان شهرين جو انگ 4 لک کان وڌيڪ آهي. گذريل سال ڪراچي ۾ ڪارروائين دوران گرفتار ڪيل 323 غيرقانوني افغان شهرين کي سندن وطن واپس موڪليو ويو جڏهن ته هلندڙ سال گذريل هڪ مهيني دوران گرفتار 1547 افغان شهرين کي ڊي پورٽ ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته ڪراچي پوليس، ايف آءِ اي ۽ نادرا سميت ٻين سرڪاري ادارن سان گڏجي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خاص طور افغان شهرين خلاف ڀرپور ۽ ون ونڊو آپريشن جي تياري ڪري رهي آهي. آپريشن دوران مختلف آبادين مان گرفتار ڪيل افغان شهرين جي ڊيٽا نادرا ۽ ايف آءِ اي اميگريشن رڪارڊ ۾ چيڪ ڪئي ويندي ۽ پوءِ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي جيل موڪلڻ بدرنا هڪ منظم رٿابندي تحت ڊي پورٽ ڪيو ويندو. ڪراچي پوليس چيف انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ هر شهري متاثر ٿيو آهي، اسٽريٽ ڪرائم جي وڏين وارداتن ۾ افغاني به ملوث رهيا آهن. هن وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته ڦر دوران شهرين جي مارجڻ ۾ گهڻي قدر افغاني ئي ملوث رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ويجهڙ ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ 225 افغان شهرين کين گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف مختلف ڪيس داخل ڪري کين جيل ڀيڙو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرچاي پوليس جي نئين ٽيم جون ڪارروائيون سٺا نتيجا ڏئي رهيون آهن، گذريل مهيني ڪراچي ۾ پوليس مقابلن دوران 20 کان وڌيڪ جوابدار مارايا ويا جڏهن ته 130 کان وڌيڪ زخمي ۽ 600 ڏوهاري گرفتار ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو