ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ پوليس ڇاپو هڻي جعلي آئل ٺاهڻ واري فيڪٽري مان جعلي انجڻ آئل، ڪين، پيڪنگ باڪس ۽ مشينري هٿ ڪري ورتي.ايس ايس پي ڪيماڙي عارف اسلم رائو موجب ڪارخاني ۾ جعلي انجڻ آئل جي پيڪنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ امپورٽڊ ڪمپنين جا ٽريڊ مارڪ لڳل هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته کليل تيل جا ڪيترائي ڊرم، پمپنگ مشينون، ڊرم، پيڪنگ جو سامان ۽ ٻيو سامان مختلف ڪمپنين جي باڪسن ۾ پيل آهي.دهلي ڪالوني ميونسپلٽي ۾ رهائشي گهر ۾ جعلي آئل فيڪٽري لڳائي وئي، ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
