ڪراچي ۾ پرڏيهين خلاف آپريشن تيز،وڌيڪ 300 ڄڻا گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي خلاف آپريشن ۾ تيزي اچي وئي آهي، آپريشن دوران وڌيڪ 300 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب سهراب ڳوٺ ۽ ان جي چوڌاري علائقن ۾ غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين جي خلاف آپريشن جو سلسلو روزاني جي بنياد تي جاري آهي. گذريل رات به ايس پي سهراب ڳوٺ جي سربراهي ۾ ال آصف اسڪوائر ۽ ان جي چوڌاري سرچ آپريشن ڪيو ويو.آپريشن دوران سوين شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. آپريشن دوران اهڙا ماڻهو جن جا ڪاغذ مڪمل هئا انهن کي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته ڪاغذ مڪمل نه ٿيندڙن کي ڪجهه وقت ڏنو پيو وڃي. آپريشن ۾ ليڊيز پوليس اهلڪار به وڏي انگ ۾ حصو وٺي رهيون آهن. آپريشن جو سلسلو 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهيو. ان دوران غيرقانوني پرڏيهين جي خلاف آپريشن ۾ تقريبن 500 فليٽس(گهرن) جي تلاشي ورتي وئي ۽ تقريبن 300 ماڻهن کي جاچ جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو. هڪ خاندان وٽ ڪاغذ مڪمل نه هجڻ تي شڪ جي آڌار تي هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو