ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ايڪسائيز پوليس وڏي مقدار ۾ منشيات ڪراچي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن مختلف ڪاررواين ۾ 140 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري ورتي، جڏهن ته ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ 2 گاڏيون هٿ ڪري ورتيون. تفصيل موجب پهرين ڪارروائي ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر قمرالدين سيال جي اڳواڻي ۾ ايڪسائيز ٽيم روهڙي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ تي ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪئي. آئل ٽينڪر نمبر C-9176 مان 100 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو. جوابدار سردار اڪبر آفريدي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٽينڪر به هٿ ڪيو ويو آهي. ٻي ڪارروائي ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر حسن علي دشتي پنهنجي ٽيم سان گڏ سنڌ پنجاب بارڊر ڪمبوه شهيد نيشنل هاءِ وي تي اوٻاوڙو ايڪسائيز چيڪ پوسٽ تي ڪارروائي ڪندي ڪار نمبر AMH-024 مان 40 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن جوابدارن اياز رضا ۽ محمد يونس کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. جوابدار ڪوهاٽ ۽ خيبر ايجنسي جا رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ڪامياب ڪارروائين تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته منشيات فروشن جي حوصلا افزائي لاءِ هر سطح تي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تمام ضروري آهي.










