ڪراچي ۾ قانون رڳو پئسو بڻجي ويو آهي: خالد مقبول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ انتهاپسندي حد تائين پهچي چڪي آهي، هتي قانون رڳو پئسو بڻجي ويو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته بلڊنگ ڪوڊ ۽ قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنگل ۾ به قانون هوندو آهي، هتي قانون رڳو پئسو بڻجي ويو آهي.هن چيو ته هن شهر ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، 15 سالن کان هن شهر تي قبضا ڪندڙ نه آفيسرن جو قبضو آهي، ائين نه ٿئي ته هن شهر کي آئين ۽ قانون جي بالادستي پنهنجي مرضي سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي شهرين کي خبر هئڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ڪن.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سنڌ جو وڏو وزير اچي ٻڌائي ته هو انصاف ڪيئن آڻيندو، هن وٽ ڪيترا اختيار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو