ڪراچي ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف آپريشن، 25 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي واپس آڻڻ لاءِ پوليس پاران ملڪ گير ڪريڪ ڊائون جاري آهي.پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۽ معاشي حب ڪراچي جي علائقي سهراب گوڙ ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي غير قانوني رهائشي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي.سرچ آپريشن دوران 25 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويندو.ياد رهي ته ضلعي اوڀر جي فورس به پرڏيهين خلاف ڪارروائي ۾ حصو وٺي رهي آهي ۽ گهر گهر تلاشي جو عمل جاري آهي.پوليس اختيارين موجب ڪارروائي ۾ ليڊيز پوليس اهلڪار به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو