ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرميءَ جو سلسلو برقرار آهي ۽ اڄ به گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڱاري ڏينهن ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 39.1 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي ۽ پارو 38 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب 21 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 40.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو سيپٽمبر 2017ع کانپوءِ هن مهيني جو گرم ترين ڏينهن رهيو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ چوماسي جو اختتام معمول کان اڳ ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ عام طور تي چوماسي جو سلسلو 30 سيپٽمبر تائين جاري رهندو آهي، پر هن ڀيري چوماسي جي جلد پڄاڻي سبب ڪراچي ۾ آڪٽوبر جهڙي گرمي محسوس ٿي رهي آهي.موسميات کاتي موجب ايل نينو جي اثر سبب آڪٽوبر جو موسم به معمول کان وڌيڪ گرم رهڻ جو امڪان آهي.










