ڌاٻيجي (ن س )ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ پائپ لائن ڦاٽ وئي.واٽر بورڊ اختيارين موجب 72 انچ پائپ لائن نمبر 5 صبح 6 لڳي 35 منٽن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڦاٽي پئي.ان حوالي سان واٽر بورڊ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته لائين ڦاٽڻ سبب ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ 7 پمپ بند ٿي ويا آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر پائيپ لائين جي مرمت جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.ياد رهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن کي ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي فراهم ڪئي ويندي آهي.










