ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي شهر کي وڌيڪ وڻندڙ بڻائڻ لاءِ اهم شاهراهن ۽ هنڌن کي خوبصورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جناح ٽرمينل کان ايندڙ ويندڙ ماڻهو شهر جو خراب تاثر ڏين ٿا ڇوته ٽرمينل کان شروع ٿيندڙ روڊ گهڻو خراب آهي تنهنڪري پهرين مرحلي ۾ شاهراهه فيصل کي خوبصورت بڻائڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ شهر جي ناليوارن آرڪيٽيڪٽن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چئي جنهن ان مقصد لاءِ مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، ڊي جي ڪي ڊي اي طاهر سانگي، آرڪيٽيڪٽن ۾ علي نقوي، ياور جيلاني، عادل ڪيرائي، حافظ حبيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي جي ڪي ڊي اي طاهر سانگي وڏي وزير کي ماحولياتي معاملن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته منصوبي جو مقصد مختلف اسٽيجن جي بحالي، وڻن جي صفائي سٿرائي ۽ فوٽ پاٿن ۽ پنڌ هلندڙ پلن کي خوبصورت بڻائڻ آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته علائقن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ اسٽريٽ فرنيچر، سائن بورڊز جون اسڪيمون، بل بورڊن جي سائيز ۽ معيار کي ريگيوليشن، اسٽريٽ ليمپ ۽ ڪراچي جي خاص ڪردارن جي عڪاسي لاءِ فن پارا تيار ڪرڻ، يادگارون، چوڪن تي چشما تيار ڪيا ويندا. وڏي وزير آرڪيٽيڪٽس کي اجلاس ۾ گهرايو ۽ انهن سان صلاح مشورو ڪندي فلائي اوور، اوور هيڊ پيڊسٽرين پلن ۽ روڊن جي مختلف نظرانداز ٿيل حصن کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ اهم هنڌن سميت بدصورت ۽ اڻوڻندڙ اڏاوتن کي بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ شاهراهه فيصل جو پهرين ڏيک جيڪو مايوس ڪندڙ آهي. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ فلڪناز اپارٽمنٽ کان ڊرگ روڊ تائين جي علائقي کي خوبصورت بڻايو ويندو ۽ پوءِ ٻين علائقن جي ترقي ڪئي ويندي.
