ڪراچي کي وفاقي علائقو بڻائڻ صوبي ۾ مداخلت هوندو، شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاق کي صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ديواني جو خواب آهي، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سيد ناصرشاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سوچ هڪ سازش آهي، سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت سنڀالي نه سگهندڙ واويلا تي لهي آيا آهن، اڳ ۾ وفاقي حڪومت ٺيڪ ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا اڃا ختم ناهي ٿيو، ٽيسٽنگ بند ڪئي وئي آهي،چاهيون ٿا ته ڪورونا وائرس مڪمل ختم ٿي وڃي، صرف شڪي مريضن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي، عيد تي ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو، سنڌ صوبو وفاق کي ڪمائي ڏئي ٿو. هن چيو ته ڪراچي تي قبضي جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. ياد رهي ته ان کان اڳ اهي خبرون آيون هيون ته فوج کي اعتماد ۾ وٺي تهريڪ انصاف وارا ڪراچي کي وفاقي علائقو بنائڻ تي غور ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو