ڪراچي: پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ 9 مهينن جي ٻارڙي فوت، ماءُ زخمي

ڪراچي: پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ 9 مهينن جي ٻارڙي فوت، ماءُ زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ واٽهڙو عورت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته کيس جهوليءَ ۾ کنيل 9 مهينن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي.پوليس موجب واقعو نارٿ ناظم آباد ۾ فائيو اسٽار چورنگي ڀرسان پيش آيو، جتي هٿياربند شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته اطلاع ملندي پوليس پهتي، جنهن کانپوءِ جوابدارن فائرنگ شروع ڪري ڏني.پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي فائرنگ تي جوابي فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ 24 ورهين جي حنا راشد سخت زخمي ٿي پئي ۽ سندس جهوليءَ ۾ موجود 9 مهينن جي ٻارڙي انابيه راشد فوت ٿي وئي. پوليس موجب ٻنهي کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙيءَ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو