ڪراچي پوليس جو اي ايس آءِ منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) کي شاهه فيصل ڪالوني ۾ منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار منظور احمد وٽان 1110 گرام چرس برآمد ڪيو ويو آهي ۽ سرڪار جي فرياد تي ڪيس به داخل ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار عزيز ڀٽي ٿاڻي ۾ مقرر رهيو آهي ۽ اڳ به منشيات فروشي جي الزامن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اي ايس آءِ منظور اڄڪلهه معطل ۽ ايسٽ هيڊ ڪوارٽرز ۾ مقرر آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو