ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته حافظ نعيم جو بيان ته ڪراچي پوليس ۾ هڪ به مقامي نه هجڻ افسوسناڪ ۽ تعصب سان ڀريل آهي، سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حافظ نعيم کي پنهنجي سياسي حيثيت جيتري وڏي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جي خمير ۾ عوامي خدمت ۽ سياسي ڏاهپ آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي خمير ۾ تعصب آهي.ناصر شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جماعت اسلامي جهڙي تنگ نظري ۽ تعصب پرست ناهي.مڪاني ادارن واري وزير چيو ته حافظ نعيم تصور به نه ڪيو هوندو ته هو ميئر ٿيڻ جي خواهش ۾ اهڙي تعصب جو مظاهرو ڪندو.ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي جو امن بحال ڪيو جڏهن ته پيپلز پارٽي دهشتگردي کي باهه ڏئي رهي آهي، ڪراچي جو عوام باشعور آهي ۽ هو ڪڏهن به تنگ نظر ۽ متعصب شخص کي چونڊجڻ نه ڏيندو.










