ڪراچي پاڪستان جو مالياتي مرڪز، بندرگاهه ۽ دنيا جو ستون نمبر وڏو شهر آهي:مراد شاهه

ڪراچي پاڪستان جو مالياتي مرڪز، بندرگاهه ۽ دنيا جو ستون نمبر وڏو شهر آهي:مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پاڪستان جو مالياتي مرڪز، بندرگاهه ۽ دنيا جو ستون نمبر وڏو شهر آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صنعت ۽ ڪاروبار جي ڪاميابي جو دارومدار ٻن اهم معيارن رابطي ۽ واپاري مرڪز تائين پهچ تي ٻڌل آهي. اهو ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن سميت سنڌ کي هڪ مثالي ڪاروباري مرڪز بڻائيندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڌاٻيجي جهڙا اسپيشل اڪنامڪ زونز جيڪو چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (CPEC) تحت هڪ ترجيحي منصوبو آهي، ان سان امڪاني سيڙپڪارن کي نوان ادارا قائم ڪرڻ يا ڌاٻيجي SEz ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وفاقي حڪومت پاران منظور ڪيل ٻن اقتصادي زونن يعني نوشهروفيروز انڊسٽريل پارڪ ۽ ڀلڙي اسپيشل اڪنامڪ زون جو به ذڪر ڪيو ان کان علاوه خيرپور ايس ايز به مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ صنعتي يونٽ ترجيحي بنيادن تي قائم ڪيا پيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت ڪراچي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي ۽ سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فنڊ فني مدد، فزيبلٽي تيار ڪرڻ ۾ مدد، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد، درخواستن جي تياري ۾ مدد ۽ سود جي ادائيگي (KIBOR) شرح سبسڊي سميت مالي مدد جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪري ٿو. چيلينجز: چيلينجن بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر پاليسي ۽ ڪورونا کانپوءِ واري دنيا ۾ وسيلن جي ڳولا هڪ وڏو چئلينج آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ سيڙپڪاري جي ماحول ۾ وڌيڪ سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت/ بورڊ آف انويسٽمينٽ هڪ جامع سيڙپڪاري پاليسي تيار ڪندي وفاقي يونٽن کي سندن لاڳاپيل تقابلي ۽ قابل فائدن آهر مناسب جڳهه ۽ مارڪيٽنگ ڏئي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو