ملير (ن س) ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ قادر نگر ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نگران صوبائي وزير سنڌ معدنيات جو ڀاءُ فوت، نوجوان محمد حسن مري ريلوي ٽريڪ تي ٻڪريون چاري رهيو هو ۽ حادثو پيش آيو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد ضروري ڪرڻ بعد ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. خبر موجب: ملير جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گهگهر ڦاٽڪ قادر نگر ويجهو نوجوان ريلوي ٽريڪ تي ٻڪريون چاريندي ٽرين جي ٽڪر ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو واقعي جو اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد ايڌي ايمبولينس ذريعي لاش جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اسٽيل ٽائون پوليس جو چوڻ هو ته فوتي نوجوان جي سڃاڻپ نگران صوبائي وزير سنڌ معدنيات قادر بخش مري جي ڀاءُ محمد حسن مري جي نالي سان ٿي آهي نوجوان محمد حسن مري پنهنجي عزيزن سان گڏ گهگهر ويجهو قادر نگر ڳوٺ ۾ رهائش پذير هو حادثي وقت نوجوان ريل جي پٽڙي تي ٻڪريون چاري رهيو هو ۽ ريل حادثي ۾ ٽڪرائجي فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جتي وارثن جي مرضي سان سندس لاش کي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي سندس فوتي جو والد غلام نبي مري عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويل آهي جيڪو اڄ پاڪستان پهچندو جنهن بعد نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. نوجوان جي نگران صوبائي وزير سنڌ جي ڀاءُ طور تصديق صوبائي وزير جي ترجمان پڻ ڪئي…….سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر نگران صوبائي وزير خدا بخش مري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي. ھن مرحوم محمد حسن مري جي بلند درجات ۽ گھرڀاتين کي صبر لاءِ دعا ڪئي آھي.










