ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم اڄ صبح ۽ شام جي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.استادن جي تنظيم ڪلاسن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي نگران وڏي وزير سنڌ کان ڪراچي يونيورسٽي جي انتظامي بحران جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. استادن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي مالي ۽ انتظامي مسئلن تي انتهائي انقلابي قدمن جي ضرورت آهي، استادن جي پروموشن لاءِ فوري طور سليڪشن بورڊ جوڙيو وڃي ۽ استادن جي پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو وڃي.
