ڪراچي: هوائن ۾ تبديلي، اڄ پارو 39 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوائن جي تبديلي کانپوءِ ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڄ پارو 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب شهر ۾ اتر اوڀر طرف کان گرم ۽ خشڪ هوائون هلي رهيون آهن، جنهن سبب موسم گرم ۽ خشڪ آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ پارو 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شام ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 15 کان 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي اهو به ٻڌايو آهي ته ڪراچي ۾ سڀاڻي (خميس) وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ جمعي تي 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو