ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ڪراچي مان چوري ٿيل هيوي مشينري ٽنڊو محمد خان مان هٿ ، مستري سڄي مشين کولي ڇڏي ڪافي حصا وڪرو ٿي ويا چيچس نمبر واري حضي کي ويلڊنگ مشين ذريعي ختم ڪيو ويو ، پوليس جا ڇاپا دوڪان مالڪ فرار وڏي گينگ ملوٽ ، خبر موجب ڪراچي جي سهراب ڳوٺ مان چوري ٿيل 25 لک روپين جي ماليت واري مٽي جي ڀرائي واري مشين ٽنڊومخمد خان جي ايوب هوٽل اسٽاپ تي موجود ملڪ ڪماني ميڪر جي دڪان مان کليل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي چورن جي گروه ڊوزر نما مشين کي ڪٻاڙي جي دوڪان ۾ بيهاري کولڻ شروع ڪيو ته پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڪيو ، پوليس پهچي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ دوڪان مالڪ کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي چورن جي گروھ مان 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن کي ذريعن موجب شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي اطلاعن موجب پوليس کي ماتلي کان ڪراچي تائين ملوث جوابدارن جي وڏي لسٽ ملي آهي ۽ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ باار ماڻهن پوليس تي دٻاءَ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ، ٻي طرف مشين جو مالڪ به ٽنڊي محمد خان پهچي پنهنجي مشين جي سڃاڻپ ڪري ورتي، سندس چوڻ آهي ته هن فلنگ مشين جي قيمت 25 لک رپيا آهي جيڪا مون ريڪنڊيشنڊ حالت ۾ خريد ڪئي هئي هتي ملڪ ڪماني ميڪر جي مالڪ منهنجي مشين کي کولي مختلف حضن ۾ ورهائي وڪرو ڪري ڇڏي آهي باقي انجن ۽ ڍانڇو پيل آهي جيڪو ڪٻاڙي کي ڏيڻ جون تياريون هيون ، هن ٻڌايو ته جوبدارن جي وڏي گينگ آهي پوليس شفاف جانچ ڪئي ته ڪافي ماڻهن جون چوري ٿيل مشينون واپس ملي وينديون










