ڪراچي صارفين لاءِ تحفو، بجلي 1 رپيو 40 پيسا في يونٽ مهانگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مطابق ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي.نيپرا فيصصلي مطابق جولاءِ 2016 کان جون 2019 تائين فيول پرائس ايڊجمسٽمينٽ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست جي ٻڌڻي هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ ٿي گذري. نيپرا انتظاميه مطابق ڪي اليڪٽرڪ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 18 ارب رپين جو بار صارفين تي 1 جنوري کان سيپٽمببر 2020 تائين 9 مهينن ۾ وصول ڪيو ويندو. صارفين کان ان 8 مهينن ۾ هر مهيني مجموعي طور 2 ارب رپين جي وصولي ٿيندي جيڪا 9 مهينن ۾ هر مهيني هڪ رپيو 40 پيسا في يونٽ بجلي مهانگاي ڪرڻ جي برابر آهي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي ايندڙ سال جنوري کان اضافي وصولي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ماهوار 50 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي اهو فيصلو لاڳو نه هوندو. ڪي اليڪٽرڪ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ مطابق 36 مهينن مان 21 مهينن ۾ بجلي مهانگي جڏهن ته 15 مهينا سستي ٿي مجموعي طور تي رڪارڊ اضافو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو