ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي شهر شارع فيصل ۽ نيشنل هاءِ وي تان پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ريلي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهراهه فيصل مان تحريڪ انصاف جي 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. شاهه لطيف پوليس پي ٽي آءِ جي 10 ڪارڪنن کي پڻ حراست ۾ ورتو.ٻئي طرف عورتن سميت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ مزار قائد تي پهتو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي موٽر سائيڪل ريلي پڻ قائداعظم شاهراهه تي پهتي.شاهراهه قائدين تي نڪتل ريلي تي پوليس لاٺي چارج ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.










