ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.صوبائي گهرو کاتي موجب اها پابندي 8 ربيع الاول تي خاموش ماتم ۽ 12 ربيع الاول تي ماتمي جلوسن جي حوالي سان لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي، حيدرآباد، دادو، نواب شاهه، خيرپور، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي ۾ 12 ربيع الاول تي ڊبل سواري تي به پابندي لڳائي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ 8، 11 ۽ 12 ربيع الاول تي ڊبل سواري تي پابندي هوندي. ڊبل سواري تي پابندي ضلعي سينٽرل ۾ 11 ۽ 12 ربيع الاول تي لاڳو هوندي، جڏهن ته ڪيماڙي، شهر ۽ ڏکڻ ۾ 7، 8، 11 ۽ 12 ربيع الاول تي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو هوندي.
