ڪراچي جي ميئر جي لاءِ فيصلو پارٽي قيادت ۽ عوام ڪندي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي جي ميئر جي لاءِ فيصلو پارٽي قيادت ۽ عوام ڪندي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون وارو صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر جي لاءِ فيصلو پارٽي قيادت ۽ عوام ڪندي ته ڪنهن کي ڪراچي جو ميئر ٿيڻ گهرجي، منفي سياست ۾ هميشه نقصان پهچايو ان کان بچڻ گهرجي، تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ سٺن ڪمن جي تعريف پڻ ٿيڻ گهرجي، مان تنقيد کان نٿو گهبرايان. بوٽ بيسن ڪلفٽن ۾ پارڪ کي مشهور سفارتڪار واجد شمس الحسن جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو مقصد ملڪ لاءِ ان جي قدر نگاهه خدمتن جي اعتراف آهي، ڪراچي کي گرين سٽي ٺاهڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. شهر کي سرسبز ٺاهڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن جمعرات جي ڏينهن بوٽ بيسن ڪلفٽن ۾ واجد شمس الحسن فيملي پارڪ جو افتتاح ڪرڻ جي بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نجمي عالم، ڊسٽرڪٽ سائوٿ جي صدر خليل هوت، ڊي ايم سي سائوٿ جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته ڊي ايم سي سائوٿ جي انتظاميه کي شاباش ڏيان ٿو ته هن ايترو سٺو ۽ خوبصورت پارڪ ٺاهيو، منهنجي ڪوشش آهي ته صاف سٿرو، سرسبز ۽ مسڪرائيندڙ ڪراچي نظر اچي، هن چيو ته حافظ نعيم الرحمٰن جيڪا پريس ڪانفرنس مڪاني چونڊن جي بعد 16 جنوري تي ڪرڻي هئي اها هاڻي کان شروع ڪري ڇڏي آهي کيس ”مرتضيٰ وهاب فوبيا“ ٿي ويو آهي، ڪراچي جي ترقي دشمن نٿا چاهن ته هتي ترقي ۽ خوشحالي اچي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي ۾ هن سال 1150 ملي ميٽر برسات ٿي ۽ پر شهر بند نه ٿيو جڏهن ته سعودي عرب جي شهر جده ۾ 240 ملي ميٽر برسات ٿي ته پورو شهر بند ٿي ويو جيتوڻيڪ ان جا وسيلا اسان کان وڌيڪ آهن ان جي باوجود اتان جي شهر جو حشر جيڪو هو اهو سڀني ڏٺو، ڪجهه ماڻهو چاهن ٿا ته ڪراچي ۾ ڪم نه ٿئي، روڊ نه ٺهن، پارڪ جي بحالي ۽ مرمت نه ڪئي وڃي پر اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان اڳ ڪيو ۽ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کان مشورا بعد ۾ ڪري رهيا آهن، هي طريقيڪار اڄ تائين ناهي ڏٺو ويو، هن چيو ته اسان ڪي ايم سي جي آمدني ۾ اضافي لاءِ هڪ ڪوشش هئي ۽ ڪي اليڪٽرڪ بل جي ذريعي ميونسپل يوٽيليٽي بلن جي وصولي شروع ڪئي هئي پر مخالفت جي ڪري ان ڪم کي روڪرايو ويو جنهن کي ڪنهن به طرح شهر جي مفاد ۾ نٿو چئي سگهجي، هاڻي معاملو عدالت ۾ آهي، ان طرح جي طرز عمل کان پاسو ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي اسان اڳتي وڌي سگهنداسين، هن چيو ته اسان کي هن شهر کي اون ڪرڻ آهي، پنهنجي شهر کي صاف سٿرو رکڻ ٻوٽا ۽ وڻ لڳائڻ اسان جي ذميواري آهي، شهري ادارن کان علاوه علائقي واسي به پنهنجي ويجهو پارڪ کي صاف رکڻ آهي، ڪي ايم سي جي تحت شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي پارڪس تعمير ڪيا ويا آهن جتي شهرين کي تفريحي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، واجد شمس الحسن پارڪ ۾ پڻ ٻارن لاءِ جهولا لڳايا ڳيا آهن ۽ پارڪ ۾ باسڪيٽ بال کيڏڻ جي سهولت موجود آهي، ان کان علاوه هن پارڪ ۾ واڪنگ ٽريڪ ۽ ٻيون سهولتون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو