ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري،حب ڊيم مڪمل ڀرجي ويو

ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري،حب ڊيم مڪمل ڀرجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مون سون برساتن کانپوءِ حب ڊيم مڪمل ڀرجي ويو حب ڊئم ڀرجڻ کانپوءِ اسپيل وي مان اضافي پاڻي کي خارج ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي چيو ته حب ڊيم ڀرجڻ سان ضلعي اولهه ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي تفصيل موجب مون سون برساتن کانپوءِ حب ڊيم مڪمل ڀرجي ويو آھي، چيف انجنيئر واٽر بورڊ موجب تازي برساتن کانپوءِ حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 339 فوٽن کان مٿي ٿي چڪي آهي ھن چيو تہ حب ڊئم مڪمل ڀرجڻ کانپوءِ اسپيل وي مان اضافي پاڻي کي خارج ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنھن جو واپڊا انتظاميا پاران باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ تازو برساتن کان اڳ حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 322 فوٽ هئي، جڏهن تہ حب ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش 339 فوٽ آهي، ٻئي طرف ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي جو چوڻ هو تہ حب ڊيم جو ڀرجڻ شهرين جي لاءِ خوشخبري آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ حب ڊيم مان شهر کي روزانو 100 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جڏهن تہ حب ڊيم ڀرجڻ کانپوءِ شهر کي ٽن سالن تائين روزانو 100 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو