ڪراچي جي سمورن يو ايس سيز جا نتيجا اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندا: ڪمشنر

ڪراچي جي سمورن يو ايس سيز جا نتيجا اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندا: ڪمشنر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي سمورن يو ايس سيز جا نتيجا اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز انور چوهاڻ چيو ته اليڪشن ۾ تمام گهڻا مسئلا ۽ چئلينجز آهن، ڪراچي جي سمورن يو ايس سي جا نتيجا اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندا.هن چيو ته ڌار ڌار ڪيٽيگري جا فارم 11 ۽ 12 ٺاهيا ويا، ڳڻپ مختلف وقتن تي شروع ٿي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سخت نگراني واري عمل کي برقرار رکيو آهي، اليڪشن سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري به ڪراچي ۾ موجود هئا.سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ان عمل ۾ ڪنهن به آفيسر ڪا غلطي ناهي ڪئي، غلطي ڪندڙ آفيسر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو