ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي بي دخلي قبول ناھي

ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي بي دخلي قبول ناھي

حيدرآباد (ن س)ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي بي دخلي قبول ناھي. ڪي ايس پي پاليسي ڪراچي جي يونيورسٽين مان سنڌي شاگردن جي بي دخلي جي سازش آھي. گريڊ ۽ نوڪريون وڪرو ٿين ٿا. سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن ۾ رشوت تي نوڪرين جي وڪري جو سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي سھولتون ڏنيون وڃن. سنڌ يونيورسٽي ۾ پوائنٽ بسن جي سخت کوٽ آھي. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي نائب صدر امجد سرگاڻي، نويد ڪلھوڙي ۽ سمي ابڙي پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. ھنن چيو تہ ڪي ايس پي پاليسي سنڌ دشمن پاليسي آھي. ڪي ايس پي ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ جي سازش آھي. ھنن چيو تہ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گريڊن جي وڪري جو ڪاروبار عروج تي آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جي ادارن کي اڏوھي جيان کائي ڇڏيو آھي. زرداري مافيا سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڪرپشن جي فيڪٽري بنائي ڇڏيو آھي. ھنن چيو تہ سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ رشوت عيوض نوڪرين جي وڪري جو نوٽيس وٺي. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن چيو تہ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سھولتن جي سخت کوٽ آھي. سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پوائنٽ بسن جي سخت کوٽ آھي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي سھولت مھيا ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو