ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي تبديل ٿي رهيو آهي، دنيا ڏسي رهي آهي، ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ پهرين ترجيح آهي.بئريسٽر مرتضيٰ وهاب فشرمين گيٽ مچھر ڪالوني کان ڪيماري تائين تعمير ٿيل روڊ جو افتتاح ڪيو.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڳالهائيندي چيو ته هو ڪراچي جي سمورن علائقن کي برابري جي ترقي ڏيارڻ تي يقين رکي ٿو، پيپلزپارٽي بنا فرق ۽ ذات پات جي خدمت تي يقين رکي ٿي، ڪراچي جا شهري پيپلز پارٽي کي پسند ڪن ٿا، ڪراچي جي قيادت تي اعتماد آهي ته هو جيڪو ڪجهه پورو ڪندا.مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هو مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ پاڻي مافيا ۽ لينڊ مافيا سان وڙهندا.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ادارا گڏجي ڪم ڪن ته بهتري ايندي آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيندا آهن.مرتضيٰ وهاب چيو ته هتي ماڻهو ڪروڙين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا ڪمائين ٿا، روڊ ان ڪري ٺاهيو ويو آهي ته هتي ڪم جاري رهي، بلاول ڀٽو جي ويزن موجب ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ماڻهن جو ڪم ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو.مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي جي خدمت لاءِ اسان سڀ متحد آهيون، بجلي ۽ ٽريفڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڻي مافيا، سيوريج ڍل مافيا يا ڪنهن به مافيا خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته نيڪي ۽ خدمت جو سفر جاري رهندو، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ صوبي جي سڀ کان وڏي پارٽي پيپلز پارٽي هوندي.
