ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار جي چونڊن ۾ عامر وڙائچ وڏي ليڊ سان نعيم قريشي کي شڪست ڏئي صدارتي تاج ماڻي ورتو، جنرل سيڪريٽري لاءِ اختيار چنا، نائب صدارت تي نصر الله جلباڻي ۽ خزانچي لاءِ راحيل صمصام ميدان ماري ورتو، وڪيلن پاران خوشي ۾ فائرنگ ڪري جشن ملهايو، گذريل ڏينهن سٽي ڪورٽ ڪراچي بار جون چونڊون ٿيون جنهن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدار تي بيٺل جهانزيب مري 1893 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، صدر جي عهدي تي عامر نواز وڙائچ 2737 ووٽ کڻي نعيم قريشي کي شڪست ڏئي ڇڏي، نائب صدر جي عهدي تي نصر الله جلباڻي 2257 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ اختيار علي چنه 1687 ووٽ کڻي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو، ٽريزرار راحيل 1879 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو جڏهن ته لائبريريئن شيخ ڪاشف امجد 1503 وووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، چونڊن ۾ پنهنجي ساٿي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ ايڊووڪيٽ امجد علي شابراڻي، ارشد شر، عزيز سولنگي، زاهد مري، شڪيل بابر، محمد عمران سولنگي ۽ ٻين چونڊن ۾ ذميواريون نڀايون، ان موقعي تي عامر نواز وڙائچ جو چوڻ ھو ته اڄ حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي، وڪيلن جي فلاح ۽ بار جي بھتري لاءِ ھميشه جيان پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھندس، عوامي مفادن لاءِ بار ۽ عدليه جو لاڳاپو بھترين رھندو.










