ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر 3 ۾ ڪار مان 10 ورهين جي ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش ۽ گلستان جوهر ڀٽي آباد مان نئين ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي.ڪورنگي ۾ گاڏي مان ٻار جو تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ بعد گاڏي جي مالڪ کي حراست ۾ ورتو ويو.پوليس موجب ٻارڙي سان زيادتي جو شڪ ڪيو پيو وڃي پر معاملي جي تصديق ميڊيڪل رپورٽ کانپوءِ ٿيندي.ٻارڙي جي مامي جو چوڻ هو ته ٻار ذهني طور معذور هو، گرفتار ٿيل شخص علائقي جو رهواسي آهي، جنهن لاش کڻائي اطلاع ڪيو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻارڙي جو پيءُ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو آهي.ٻئي طرف گلستان جوهر ڀٽائي آباد ۾ روڊ تان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو.










