ڪراچي، فيڪٽري ملازمن جي بس ۾ ڦر جي الزام ۾ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس ڪارخاني جي ملازمن سان ڀريل بس کي ڦر ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، چوري ٿيل موبائل فون ۽ ٻيو سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب 13 سيپٽمبر جي صبح جوابدارن شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي 3 ۾ مقامي فيڪٽري جي ملازمن سان ڀريل بس کي روڪي ان ۾ سوار ٿي سمورن ملازمن کان موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ جاچ پوليس 3 جوابدارن شهباز، دائود ۽ نويد کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار شهباز پوليس جي يونيفارم ۾ گهمندا هئا، جڏهن ته جوابدارن جو هي گروهه روزاني جي بنياد تي ڪورنگي جي مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڪندو آهي. جوابدارن جي ٻين ساٿين جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته ٽنهي جوابدارن کي اڳ ئي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو