رينٽل پاور ڪيس شاهد رفيع گرفتار، راجا ۽ جتوئي لاءِ خطرو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترڪي کان گهرايل سامونڊي جهاز ۾ لڳل ڪرائي جي بجلي گهر“ڪارڪي” ۽ گڊو رينٽل پاورپروجيڪٽ واري نيب جي ڪيس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري اڳوڻي سيڪريٽري شاهد رفيع کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شاهد رفيع کي اسلام آباد ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جتان اهم دستاويز به قبضي ۾ ورتا ويا آهن. کيس نيب راولپنڊي آفيس منتقل ڪري کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.اڄ کيس رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته 22 ارب روپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو آهي. هنن مٿان اختيارن جي ناجائز استعمال، نيپرا ايڪٽ ۽ پريڪيورمينٽ رولز جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي. اي سي سي جي منظوري بنا هي معاهدا ڪيا ويا ۽ ڊائون پيمينٽ جيڪا معاهدي موجب 7 سيڪڙو ڪرڻي هئي اها هنن ٻيڻي ڪري ڇڏي ۽ ست ڪروڙ ويهه لک ڊالر ان مد ۾ ادا ڪري قومي خزاني کي نقصان ڏنو. نيب سان گڏ پوليس به هئي ۽ هن جي گرفتاري دوران سندس ناٺي راجا دانيال نيب عملدارن سان مزاحمت ڪئي ۽ ذاتي محافظن سان گڏجي نيب جي آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا دانيال اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو ويجهو مائٽ ۽ شاهد رفيق جو ناٺي آهي. نيب ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪري راجا دانيال خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ڪيس ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اسرف به جوابدار آهي. هن ڪيس ۾ تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي هڪ فيصلي سبب پاڪستان تي عالمي ثالثي عدالت ڪروڙين روپين جو ڏنڊ وڌو هو. شاهد رفيع جي گرفتاري راجا پرويز اشرف لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. 2012 ۾ سپريم ڪورٽ چيو هو رينٽل پاور پروجيڪٽ دوران جيڪي خزاني، پاڻي ۽ بجلي جا وزير هئا تن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ياد رهي ته شوڪت عزيز ناڻي، راجا پرويز اشرف ۽ لياقت جتوئي پاڻي ۽ بجلي جا وزير هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو