زيب جي شاعري جي ڪتاب “ديد جو درشن” جي مهورتي تقريب

لاڙڪاڻو (ن س)ادب شعبي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي پاران سنڌ جي نامور شاعر زيب ڪنگي جي شاعريءَ جي ڪتاب “ديد جو درشن” جي مهورتي تقريب ٿي گذري. جنهن جي صدارت جديد سنڌي شاعريءَ جي سرجڻهار جواد جعفريءَ ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان صاحبِ ڪتاب زيب ڪنگو ھو ۽ اعزازي مهمانن ۾ علي حسن سرڪي، ناياب سرڪش سنڌي، احمد علي صابر چانڊيو، غلام حسين ڪٽپر, شهمير سومرو ۽ عيسي’ ميمڻ شامل هئا.صدارتي تقرير ڪندي جواد جعفريءَ چيو تہ، زيب ڪنگي جي شاعري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو حسين سنگم آهي. ھن وٽ خيالن ۽ پيشڪش جي انفراديت آهي. زيب ڪنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو حق ادا ڪيو آهي. سندس شاعري وقت ۽ موجوده حالتن جي ترجماني ڪندڙ آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر تخليقڪار ۾ اصلاح جي گنجائش سدائين رهندي آهي، جڏهن تہ زيب جي شاعريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي خيال جي پُختگي نظر اچي ٿي. جديد غزل ۾ هر شعر پنهنجي ڀرپور معني رکندو آهي ۽ زيب ڪنگي جي شاعريءَ ۾ بہ جديد غزل جون سڀ خوبيون شامل آهن. هن وڌيڪ چيو تہ ھر تخليقڪار جنگ و جدل بدران پيار جو حامي هوندو آهي، اھڙيءَ ريت زيب ڪنگو به پيار جو نمائنده شاعر آهي.ڪتاب جي خالق نامور شاعر زيب ڪنگي چيو تہ، مون هميشه شاعريءَ ۾ پنهنجا جذبا جوان رکيا آهن. ڏکي نوڪري هوندي بہ شاعريءَ جو سفر جاري رکيو اٿم. شاعريءَ سبب جيڪا مون کي عزت ۽ احترام مليو آهي اهو ڪڏهن به وساري نه سگهندس. پروفيسر غلام حسين ڪٽپر چيو ته سنڌي ٻولي شاھڪار ٻولي آهي ۽ زيب ڪنگي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي جڙت انتهائي خوبصورت آهي. شاعر ٻوليءَ جا وينجھار هوندا آهن. علي حسن سرڪيءَ چيو ته زيب سونهن جو ساگر شاعر آهي. هن پنهنجي لکڻيءَ وسيلي سونهن جو حق ادا ڪيو آهي. ناياب سرڪش سنڌيءَ چيو تہ زيب ڪنگي جي شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ سرتي جا خوبصورت احساس آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ امير سنڌ جي غريب ماڻهن جي دردن جو اظھار ڪيو آهي. احمد علي صابر چانڊيي چيو ته زيب ڪنگو پنهنجي دور جو منفرد ۽ نمائنده شاعر آهي. شهمير سومري چيو ته زيب ڪنگو احساساتي شاعر آهي، جنهن وٽ اظهار جو خوبصورت ڏانءُ آهي. ادب شعبي جي چيئرمين عيسيٰ ميمڻ چيو تہ زيب ڪنگي جو جديد شاعريءَ ۾ مانُ مٿانهون آهي. هن پنهنجي فن ۽ تخليق ذريعي زندگيءَ کي ڀيٽا ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته پبلشرن کي ڪتابن جي ڇپائيءَ دوران ڇپائيءَ ۽ پني جو معيار رکڻ سان گڏ ٻولي، صورتخطي ۽ گرامر طرف پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي وشال، خاور قبولائيءَ، عزيز نواز هليي، بلال تبسم، ساجد جمالي، ديدار معصوم ۽ ٻين پڻ زيب ڪنگي جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي ويچار ونڊيا. پروگرام جي ڪارروائي نامياري شاعر ملهار سنڌيءَ هلائي جڏهن تہ نامياري راڳي سليم رضا ڪنڀر زيب ڪنگي جو غزل جهونگاريو. ان کان اڳ پروگرام جي شروعات دانش ترڪ لطيف سائينءَ جي وائيءَ خوبصورت آواز سان جھونگاري ڪئي. ان سان گڏ نويد ناز ڀٽيءَ زيب ڪنگي کي منظوم ڀيٽا پيش ڪئي. پروگرام ۾ علي روشن شيخ، اياز ابڙو، ابو ايليا، اوشاق آگاڻي، مصور منگي، عبدالنبي ساريو، محمد علي لانگاهه، علامه الماس عباسي، زاهد جوڻيجو، واصف علي وڳڻ، سورهه ميراڻي، ضمير مداري، شاعر وفا وزير گوپانگ، شيخ فرازي، فراخ جانوري، سميع ساجد جوڻيجو، گلاب چانڊيو ، محمد جانب جوان سومرو، اختر پيا، انجم کوکر، فهد ڪورائي، وفا صالح راڄپر، مجيد سنڌي، بيوس سجاد گاڏهي، ڪوڙل قربدار، اظهر مجيد، وفا محب سولنگي، پرويز مهر، وفا اسلم شيخ، احمد آديسي، همدرد امجد هيسباڻي، آڪاش آگاڻي، عبدالواحد راهوجو، مير مسلم حسين، اياز اسير، غلام حسين گھايل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زيب ڪنگي کي ڪتابن، اجرڪن ۽ گلن جا تحفا به پيش ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو