ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورڪر پارٽي جي لاڙڪاڻي جي علائقي نصير آباد مان کنڀي گم ڪيل ڪامريڊ سينگار نوناري جي گھرواري سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچي وئي، فوزيه سينگار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 4 ڏينھن کان سينگار لاپتا آھي، جيڪڏهن سينگار جي مٿان ڪو الزام آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پوليس ۽ ٻين سان رابطو ڪرڻ باوجود سينگار جو ڪو پتو نه پئجي سگھيو آھي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سينگار کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سيناگر جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويا پر سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو.










