ڪار درياءَ ۾ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت 2 زخمي

ڪار درياءَ ۾ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت 2 زخمي

دير بالا (ويب ڊيسڪ) تيز رفتار ڪار موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ پنجڪوڙا درياءَ ۾ ڪري پئي. جنهن سبب ڪا ۾ سوار 8 ڄڻن مان 6 ٻڏي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو. پوليس موجب زخمين ۽ لاشن کي ضروري ڪاروائي ڪوهستان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڪار سوار ڪوهستان جي علائقي گالڪوم مان ڪلڪوٽ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو