ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب واضح ڪيو آهي ته ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ آفيسرن کي گهر موڪليو ويندو. مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ڪي ايم سي آفيس ۾ عام موڪل واري ڏينهن مختلف کاتن جو اجلاس ڪوٺايو ويو، ميئر جي صدارت هيٺ ڪي ايم سي کاتي جي فنانس، اسٽيٽ، لينڊ، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ٻين کاتن جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪي آفيسر پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا، انهن کي پنهنجي عهدن تي رهڻ جو ڪو به حق ناهي، ڪي ايم سي جي هر کاتي جي سربراهه کي مقرر هدف حاصل ڪرڻا پوندا.
