ڪاري جادو جي رسم، معصوم ٻارن کي ڏنڀ ڏيڻ جي الزام ۾ ماءَ گرفتار

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) ڪاري جادو جي رسم ۾ معصوم ٻارن کي ڏنڀ ڏيڻ جي الزام ۾ پوليس ٻارن جي والده کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻارن جي والد سائمن مسيح قلعه گجر سنگهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ته سندس زال ٻارن کي وٺي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ماسي جي گهر وئي، خميس تي صبح جو ٻارن سان ملڻ ويس ته ٽن سالن جي نياڻي کي پلنگ ۽ ٻن سالن جي پٽ کي صوفي سان ٻڌل ڏٺم، هنن جي وچ ۾ ناسي رنگ جو ٻڪر ٻڌل هو ۽ منهنجي زال جي ماسي موم بتي سان ٻارن کي ڏنڀ ڏئي ڪاري جادو جي رسم ادا ڪري رهي هئي. مون دانهون ڪيون ته مزاحمت ڪئي وئي پر مون ٻنهي ٻارن کي زوري کڻي اچي ميو اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي. اي ايس پي سٽي جو چوڻ آهي ته ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پوليس ڪيس داخل ڪري عورت کي گرفتار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو