ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ سنڌ کي متحد ٿيڻو پوندو: عوامي تحريڪ

ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ سنڌ کي متحد ٿيڻو پوندو: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي گڏجاڻي ضلعي صدر سرمد راڄپر جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذري. “بوگس ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جي زمينن جي نيلامي، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف” پهرين سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مذڪوره مسئلن تي حيدرآباد ۾ پهرين آڪٽوبر تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. 24 سيپٽمبر تي هڪ ڏينهن جو تعليمي تربيتي ڪلاس منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم وارا پنهنجي نوڪر، نگران سرڪار کي لغام ڏين. ڪارونجهر جي معاملي تي سنڌ جو عوام جيئن پيپلز پارٽي اڳيان رڪ جي ديوار بڻيو تيئن پيپلز پارٽي جي نوڪر نگران سرڪار خلاف به جدوجهد ڪندو. نگران سرڪار کي ٽن مهينن اندر اليڪشن ڪرائڻي آهي پر سرڪار اليڪشن تي ڌيان ڏيڻ بدران سنڌ جي وسيلن جي نيلامي ڪري آئين ٽوڙي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته اسثيبلشمينٽ طرفان مسلط ڪيل نگران سرڪار ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ سازشن ۾ مصروف آهي، پيپلز پارٽي جي نوڪر سرڪار “آئي هئي ٽانڊو کڻڻ ۽ گهر ڌڻياڻي ٿي وئي” واري ڪرت ڪئي آهي. هنن چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو ثقافتي، تاريخي ۽ سياحتي ماڳ آهي، سو تباه ڪيو پيو وڃي. ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ سموري سنڌ کي يڪمشت ٿيڻو پوندو. ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، ڄام تماچي، حئي ڀٽو، اقبال عباسي، سليم ٻڌ، ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، ميھر علي ٻٻر، ھاشم راڄپر، قيوم ڀٽو، ايس ايس ٽي اڳواڻ علي رضا جلباڻي، ايس بي ٽي مرڪزي آرگنائيزر فاضل کوسو، فياض ٻٻر ۽ ٻين اڳواڻن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو