ڪارنهن تڪرار پتافي برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو 4 ڄڻا زخمي

دادلغاري (رپورٽ باقر پتافي) دادلغاري ويجھو ڳوٺ علي احمد پتافي ۾ پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، هٿيار بندن جو حملو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. انور پتافي جي ڌر طرفان ڪجهه وقت اڳ ڪارنھن جو الزام نوجوان لياقت پتافي مٿان ڏنوويوھو، جنھن تي انور پتافي جي ڌر طرفان لياقت پتافي جي گھر مٿان ھٿيار بند ۽ ڏنڊا بردار ماڻھو وٺي حملو ڪيو. حملي ۾ رياض، صدام، محمود ۽ افتخار پتافي زخمي ٿي پيا. زخمين صحافين کي ٻڌايو تہ انور پتافي وارن اسان جي نوجوان لياقت پتافي تي ڪوڙو ڪارانھن الزام مڙھيوھو. جنھن جو عيوضو نہ ڏيڻ تي انور پتافي ھٿيار بند ء ڏنڊا بردار ماڻھو اصغر، ذاڪر، پنھل، واحد ۽ ڍول پتافي ساڻ ڪري اسان جي گھرن مٿان حملو ڪيو. جنھن م اسان جا نوجوان سخت زخمي ٿي پيا آھن جنھن جي اين سي دادلغاري ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي آھي. ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل ڌر سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پرهنن جو موقف نه ملي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو