ڪارنهن الزام ۾ عورت قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن

غوثپور(ن س) ڪچي جي علائقي دراني مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالم جاگيراڻي ۾ جوبدار شاهو جاگيراڻي  پنهنجي 35 سالن جي گهر واري لطيفان بهلڪاڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. حد جي پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل، مقتولا عورت جو بنا پوسٽ مارٽم لاش دفنايو ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو نه ڪيس داخل ٿي سگھيو نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو