ڪارساز سانحي جي شهيدن جي 16 هين ورسي، ڀيٽا پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪارساز سانحي جي شهيدن جي 16 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي،فريال ٽالپرسميت پ پ اڳواڻن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، پ پ پاران ڪارساز سانحي جي 20 گمنام شهيدن جي ورسي تقريب ۾ سهيل انور سيال، خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا،16سال اڳ ڪارساز سانحي جي 20 شهيدن جا مڙهه سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري جانثارانِ بينظيرقبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا هئا

پهنجو تبصرو موڪليو