تصدق جيلاني ججز انڪوائري ڪميشن جو سربراهه مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪميشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪندو جنهن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي الزامن جي جاچ ڪندو.ذريعن موجب وزيراعظم ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان وچ ۾ ملاقات ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو