ڪابه پارٽي پيپلز پارٽي کان سواءِ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي: گيلاني

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪابه پارٽي پيپلز پارٽي کان سواءِ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ سڀني جي لاءِ هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. صاف، شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته جڏهن سينيٽ ۾ اقليتن جي ڪابه نمائندگي نه هئي تڏهن بينظير ڀٽو اقليتن کي سيٽون ڏياريون. پاڻ کي عوام جي سامهون اميدوار جي طور تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪارڪردگي جي آڌار تي چونڊون وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته چارٽر آف ڊيمو ڪريسي تي اسان 85 سيڪڙو عمل ڪيو. مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جا پنهنجا پنهنجا منشور آهن. اسان پنهنجي منشور موجب چونڊن ۾ حصو وٺنداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن تي صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ پريشر وجهنداسين. مان 2027 تائين سينيٽر هوندس. يوسف رضا گيلاني چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ ميثاق جمهوريت ٿيو. اسان آئين کي ٻيهر اصل شڪل ۾ آڻينداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پيپلز پارٽي جون عوام لاءِ قربانيون سڀني جي سامهون آهن. اسان جيلون به ڪاٽيون، نااهل به ٿياسين جنهن جو ذڪر ڪڏهن نه ڪيو، پيپلز پارٽي هڪ جدوجهد جو نالو آهي.اسان اقتدار لاءِ خدمت نه ڪندا آهيون، پر حڪومت کان ٻاهر رهي به عوام جي خدمت ڪندا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو