screen shot

ڪابل ۾ ڪار بم ڌماڪو، 7 فوت، ڪيترائي زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر ڪابل ۾ ڪار بم ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن. وزارت داخلا جي ترجمان مطابق صبح سوير اهو بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ فوت ٿيندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ فوت ٿيندڙ سڀ جو سڀ شهري آهي. نصرت رحمي وڌيڪ ٻڌايو ته اها ابتدائي رپورٽ آهي حتمي انگ اکرن جو تفصيل بعد ۾ ٻڌايو ويندو. ان کان علاوهه وزارت داخلا جي ذريعن مطابق ڌماڪو خودڪش هيو ۽ حملو ڪندڙ حڪومتي گاڏين جي قافلي کي نشانو بڻايو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان جي صدراشرف غني 2016 ۾ اغوا ٿيندڙ غير ملڪي باشندن جي آزادي جي بدلي ۾ قيد ٽن طالبان اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ انس حقاني به شامل آهي جيڪو 2014 ۾ گرفتار ٿيو هو ان سان گڏ نائب طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جو سربراهه به گڏ هيو. اشرف غني غير ملڪي باشندن ۾ هڪ آسٽريلوي ۽ هڪ آمريڪي پروفيسر آهي جنهن کي ڪابل يونيورسٽي کان اغوا ڪيو ويو هو ليڪن اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته انهن کي ڪٿان ۽ ڪهڙي وقت آزاد ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو