ڪابل هوائي اڏي تي وري افراتفري 7 فوت انگ 20 ٿي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افعنستان جي گادي واري شهر جي حامد ڪرز؟ي اقنٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مڪ پڏيندڙ شهرين جا ڪٽڪ موجود آهن ۽ افراتفري سبب 7 وڌيڪ فوت ٿي ويا جنهن بعد هڪ هفتي ۾ هوائي اڏي تي مري ويلن جو انگ 20 ٿي ويو آهي.  آمريڪي صدر جي مشير جيڪ سليوان سي اين اين جي پروگرام ۾ چيو آهي ته اڃا به هزارن جي تعداد ۾ آمريڪي شهري افغانستان ۾ ڦاٿل آهن جن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوشش هلي پئي.

Screen shot

هن چيو خطرو آهي ته داعش ڪابل هوائي اڏي تي حملو نه ڪري. ٻئي پاسي پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته ڪابل مان ٿرڊ ڪنٽريز ۾ ترسايل آمريڪي شهرين ۽ افغان شهرين کي آمريڪا پهچائڻ لاءِ 3 نجي ايئرلائنز جون 18 اڏامن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.هوڏانهن روسي صدر ولاديمئر پيوٽن چيو آهي ته امريڪا وچ ايشيا جي ڪجهه رياستن کي چيو آهي ته افغان پناهگيرن کي عارضي طور پناهه ڏيو جيسين سندن امريڪي ويزا جو بندوبسٽ ڪريون.

Screen shot

مان ڇوان ٿو ته امريڪا بنا ويزا پنهنجي ملڪ ۾ کين اجازت 0يڻ لاءِ تيار ناهي ته ٻين کان اهڙي توقع ڪيئن ٿا ڪريو.  هن چيو ته اسانجا مغربي دوست ملڪ افغانين کي بيواهو ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جي 7 ملڪن جو اهم اجلاس اڱاري تي طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو