ڪائونسلر يوسي چيئرمين تي ناراض، بي اعتمادي رٿ جو فيصلو

پکو (عبدالوحيد ميئو) يونين ڪائونسل خيرپور جوسو جي چئن ڪائونسلرن مظھر الدين اسراڻ، غلام اڪبر چانڊيو، حبدار علي مغيري، اقليتي رام چند اوڏ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان يوسي خيرپور جوسو جا چونڊيل ڪائونسلر آھيون پر يوسي چيئرمين رجب علي کچي گذريل چئن سالن جي عرصي دوران اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو آھي ۽ نه ئي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ ايندڙ لکين روپين جي بجيٽ ۾ اسان جي وارڊن ۾ ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو آھي اھڙي ڪارڪردگي تي اسان طرفان بجيٽ فنڊن جي گھر ڪئي ته ھن کتو جواب ڏئي ڇڏيو ته مٿان کان بجيٽ نٿي اچي. جڏھن ته اھڙي شڪايت اسان ضلعي انتظاميه قمبر سان ڪئي ته خبر پئي ته يوسي جي 5 لک بجيٽ ماھوار يوسي چيئرمين جي اڪائونٽ ۾ وڃي ٿي ان کانپوءِ اسان لکت ۾ اعليٰ قيادت کي به چيئرمين جي ڪرتوتن کان آگاھ ڪيو پر ھن وقت تائين ڪو به ردعمل نه ٿيو آھي. اسان ھاڻ اھڙي ڪرپٽ ۽ راشي چيئرمين سان گڏ ھلي نٿا سگھون ڇو ته ھن يوسي جي وارڊن ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو آھي جنھن ڪري يوسي جو عوام مٿس سخت ڪاوڙيل آھي ۽ اسان مٿان زور رکيو ويو آھي ته اھڙي چيئرمين سان ڪم ڪرڻ کان بھتر آھي استعيفيٰ ڏيون. عوام جي اھڙي رد عمل کي مدنظر رکندي اسان جلد يوسي چيئرمين رجب علي کچي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻينداسين ۽ فيصلو واسطيدار اعليٰ’ اختياريون ڪنديون. آخر ۾ ڪائونسلرن ضلعي چيئرمين قمبر کان مطالبو ڪيو ته يوسي بجيٽ جي چئن سالن جي آڊٽ ڪري چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو